پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽد (PTCL) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هڪ SmartLink جي نالي سان اهڙي ايپليڪيشن متعارف ڪرائي آهي جنهن جي ذريعي PTCL جا صارف پنهنجي موبائل جي مدد سان ڪنهن به جڳهه تان پنهنجي لينڊ لائين نمبر جي ذريعي لينڊ لائن جي اگهه تي ڪال ڪري سگهن ٿا ۽ ڪال وصول ڪري سگهن ٿا.
هي ايپليڪيشن بنا ڪنهن سبسڪرپشن يا ماهوار خرچي جي دستياب آهي. هن اپليڪيشن جي ذريعي اوهان تڪڙا مسج به موڪلي سگهو ٿا. 150 کان وڌيڪ ٽي وي چينل ڏسي سگهو ٿا.
في الحال هي اپليڪيشن صرف اينڊرائيڊ لاءِ دستياب آهي ۽ جلد ئي آئي فون لاءِ به دستياب هوندي.
0 comments:
Post a Comment