Friday 27 March 2015

پي ٽي سي ايل لينڊ لائن سروس هاڻي موبائل فون تي


پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽد  (PTCL)  پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هڪ SmartLink جي نالي سان اهڙي  ايپليڪيشن متعارف ڪرائي آهي جنهن جي ذريعي PTCL جا صارف پنهنجي موبائل جي مدد سان ڪنهن به جڳهه تان پنهنجي لينڊ لائين نمبر جي ذريعي  لينڊ لائن جي اگهه تي ڪال ڪري سگهن ٿا ۽  ڪال وصول ڪري سگهن ٿا.

هي ايپليڪيشن  بنا ڪنهن سبسڪرپشن  يا ماهوار خرچي جي دستياب آهي.  هن اپليڪيشن جي ذريعي اوهان تڪڙا مسج به موڪلي سگهو ٿا. 150  کان وڌيڪ ٽي وي چينل ڏسي سگهو ٿا.
في الحال هي اپليڪيشن صرف اينڊرائيڊ لاءِ دستياب آهي ۽ جلد ئي    آئي فون لاءِ به دستياب هوندي.

Thursday 12 February 2015

ناهي ويل ويهڻ جي ــ ايپل جي نئين سمارٽ واچ

هڪ سنڌي ڏاهي سان ملاقات ٿي، چيائين ته گهڻو ڪجهه پر هڪ ڳالهه ڏاڍي سچي ڪيائين، چي:  ”سنڌين کي وڻ جي ڇانءَ ۾ کٽ رکي ڏيو ۽ ٽن ويلن جي مانيءَ جو آسرو ڏيو، هو پنهنجي سڄي عمر  اُتي ويٺي گزاري ڇڏيندا.“
شاه سائين پنهنجي قوم جي عادتن مان واقف ٿي گهڻو اڳ ئي چيو هئو، ” ناهي ويل ويهڻ جي“.  

اهي حال رڳو اسان جا ئي ناهن پر هاڻي ته اها عادت انگريزن ۾ به شامل ٿيندي ٿيندي پئي  وڃي. تڏهن ته جڳ مشهور موبائل ڪمپني ايپل جي CEO  کي چوڻو پيو ته ”ويهڻ هڪ نئي ڪينسر آهي“ نه صرف ايترو پر سائين جن جي ڪمپنيءَ جيڪا نئين سمارٽ واچ متعارف ڪرائي آهي، جنهن ۾ هونءَ ته کوڙ خوبيون آهن پر ان جي خاص خوبي اها آهي ته اها سمارٽ واچ اوهان کي ڪنهن جاءِ تي گهڻو وقت ويهڻ نه ڏيندي، اوهان کي ويٺي هڪ ڪلاڪ ئي نه گزرندو ته واچ اوهان جي ڪارائي کي ٺپڪي ڏيندي ته اٿ سائين منهنجا، ناهي ويل ويهڻ جي.



Tuesday 10 February 2015