Friday 27 March 2015

پي ٽي سي ايل لينڊ لائن سروس هاڻي موبائل فون تي


پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽد  (PTCL)  پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هڪ SmartLink جي نالي سان اهڙي  ايپليڪيشن متعارف ڪرائي آهي جنهن جي ذريعي PTCL جا صارف پنهنجي موبائل جي مدد سان ڪنهن به جڳهه تان پنهنجي لينڊ لائين نمبر جي ذريعي  لينڊ لائن جي اگهه تي ڪال ڪري سگهن ٿا ۽  ڪال وصول ڪري سگهن ٿا.

هي ايپليڪيشن  بنا ڪنهن سبسڪرپشن  يا ماهوار خرچي جي دستياب آهي.  هن اپليڪيشن جي ذريعي اوهان تڪڙا مسج به موڪلي سگهو ٿا. 150  کان وڌيڪ ٽي وي چينل ڏسي سگهو ٿا.
في الحال هي اپليڪيشن صرف اينڊرائيڊ لاءِ دستياب آهي ۽ جلد ئي    آئي فون لاءِ به دستياب هوندي.

Thursday 12 February 2015

ناهي ويل ويهڻ جي ــ ايپل جي نئين سمارٽ واچ

هڪ سنڌي ڏاهي سان ملاقات ٿي، چيائين ته گهڻو ڪجهه پر هڪ ڳالهه ڏاڍي سچي ڪيائين، چي:  ”سنڌين کي وڻ جي ڇانءَ ۾ کٽ رکي ڏيو ۽ ٽن ويلن جي مانيءَ جو آسرو ڏيو، هو پنهنجي سڄي عمر  اُتي ويٺي گزاري ڇڏيندا.“
شاه سائين پنهنجي قوم جي عادتن مان واقف ٿي گهڻو اڳ ئي چيو هئو، ” ناهي ويل ويهڻ جي“.  

اهي حال رڳو اسان جا ئي ناهن پر هاڻي ته اها عادت انگريزن ۾ به شامل ٿيندي ٿيندي پئي  وڃي. تڏهن ته جڳ مشهور موبائل ڪمپني ايپل جي CEO  کي چوڻو پيو ته ”ويهڻ هڪ نئي ڪينسر آهي“ نه صرف ايترو پر سائين جن جي ڪمپنيءَ جيڪا نئين سمارٽ واچ متعارف ڪرائي آهي، جنهن ۾ هونءَ ته کوڙ خوبيون آهن پر ان جي خاص خوبي اها آهي ته اها سمارٽ واچ اوهان کي ڪنهن جاءِ تي گهڻو وقت ويهڻ نه ڏيندي، اوهان کي ويٺي هڪ ڪلاڪ ئي نه گزرندو ته واچ اوهان جي ڪارائي کي ٺپڪي ڏيندي ته اٿ سائين منهنجا، ناهي ويل ويهڻ جي.



Tuesday 10 February 2015

Monday 17 November 2014

گوگل ايس ايم ايس ۽ ايم ايم ايس لا اپليڪيشن متعارف ڪرائي ڇڏي.

گوگل طرفان پلي اسٽور ۾ مينيجر جي نالي سان هڪ اپليڪيشن متعارف ڪرائي آهي.

[​IMG]
هن اپليڪيشن جي ذريعي توهان ڪنهن به فون تي ميسيج يا ايم ايم ايس موڪلي سگهو ٿا.ان کان علاوه توهان براهِ راست ويڊيوز يا تصويرون ٺاهي سگهو ٿا اهي شيئر به ڪري سگهو ٿا.۽ توهان آڊيو رڪارڊ ڪري ڪنهن به دوست کي موڪلي سگهو ٿا
ڪنهن ناواقف (اڻڄاتل) شخص جي موڪليل پيغام جي صورت ۾ توهان ان کي بلاڪ ڪري سگهو ٿا
هي اپليڪيشن صرف ايس ايم ايس ۽ ايم ايم ايس پيغامن لاءِ ٺاهي وئي آهي.

هن اپليڪيش کي حاصل ڪرڻ لاءِ توهان وٽ 4.1 جو ائنڊرائيڊ ورزن هجڻ لازمي آهي.



 

Saturday 8 November 2014

گوگل جا اهم لنڪس جيڪي هر ڪنهن کي معلوم هجڻ گهرجن



ڇا مان معلوم ڪري سگهان ٿو ته مون ڪهڙن ڪهڙن گوگل اشتهارن تي ڪلڪ ڪيو آهي..؟

ڇا گوگل کي خبر آهي ته مون تازو ئي ڪهڙا ماڳ ۽ مقام گهميا آهن..؟

گوگل جو ماسٽر پاسورڊ وساري ويٺو آهيان.. هاڻي ڇا ڪجي...؟

ڇا گوگل کي خبر آهي ته منهنجيون دلچسپيون ڇا آهن...؟

[​IMG]

اهڙا سوال يا وڌيڪ دلچسپ حقيقتون توهان کي گوگل جي اڪائونٽ ڊيش بورڊ مان معلوم ٿي سگهن ٿيون.. پوءِ اچو ته توهان کي ٻڌايان ته گوگل توهان بابت ڇا ٿي ڄاڻي... گڏ گوگل جا اهي سيڪريٽ لنڪس به ٻڌايان جيڪي هر انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ کي معلوم هجڻ گهرجن...

پنهنجي موجوده اي ميل ايڊريس ذريعي گوگل جو نئون کاتو بڻايو... هوئن ته عام طور سائين اپ پروسيس ۾ گوگل طرفان يوزر کي gmail.com@ تي کاتو ٺاهڻ تيمجبور ڪيو ويندو آهي.. ته هيٺين اسپيشل يو آر ايل ذريعي ڪنهن ٻي اي ميل ذريعي توهان گوگل کاتو بڻائي سگهو ٿا..
https://accounts.google.com/SignUpWithoutGmail




گوگل توهان جو پروفائيل توهان طرفان سائيٽس جي وزٽ، گوگل پلس ۽ ٻين اشارن تحت ٺاهيندو آهي.. گوگل توهان جي جنس جو اندازو، عمر جو اندازو ۽ توهان جيدلچسپين کي سامهون رکي توهان اڳيان پنهنجا اشتهار رکندي آهي.. هيٺين يو آر ايل تي اچي توهان معلوم ڪري سگهو ٿا ته گوگل توهان کي ويب تي ڪيئن ٿيڏسي.. ​
https://www.google.com/ads/preferences/
گوگل توهان جي سموري ڊيٽا کي گوگل ايڪو سسٽم تي ايڪسٽريٽ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي.. توهان پنهنجا فوٽو، ڪانٽيڪٽ نمبر، جي ميل ميسيج، بلاگر، بوڪ مارڪ ۽ ايسيتائين جو اپلوڊ ڪيل يوٽيوب وڊيوز به ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا.. ان لاءِ هيٺين ٽاڪ آئوٽ ويب پيج تي اچو ۽ ڊائونلوڊ لنڪ جنريٽ ڪريو..
https://www.google.com/takeout
جيڪڏهن توهان پنهنجو مواد ڪنهن ٻي اهڙي سائيٽ تي ڏسو جيڪا گوگل جي هڪ يا وڌيڪ پروڊڪٽ جهڙوڪ بلاگر، اشتهار، گوگل پلس يا وري يوٽيوبوغيره استعمال پئي ڪري ته توهان ان سائيٽ خلاف DMCA complaint لانچ ڪري پنهنجي مواد بابت ٻڌائيندي ان سائيٽ تان ختم ڪرائي سگهو ٿا.. ان سلسلي ۾ هڪ وزارڊ پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو جنهن سان توهان ان سائيٽ کي گوگل سرچ تان ريموو ڪري سگهو ٿا..
https://support.google.com/legal
توهان جي اينڊروائيڊ ڊيوائيس اڪثر توهان جي موجوده لوڪيشن ڊيٽا ۽ توهان جي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ گهمڻ ڦرڻ جي رپورٽنگ گوگل سرورن کي موڪليندي رهندي آهي.. جيڪا توهان گوگل جي نقشن تي وڃي ڏسي سگهو ٿا.. ۽ جي چاهيو ته ان کي KML فائيل ۾ ايڪسپورٽ پڻ ڪري سگهو ٿا.. KML فائيل گوگل ارٿ ۽ گوگل ڊرائيو تي امپورٽ ڪري ڏسي سگهجي ٿي.. پنهنجي لوڪيشن هسٽري ڏسڻ لاءِ هيٺين لنڪ کي کوليو..
https://maps.google.com/locationhistory
گوگل توهان جي هر ان ڳولا کي جيڪا توهان گوگل سرچ تي ڪندا آهيو جو ريڪارڊ محفوظ رکندي آهي.. ايسيتائين جو توهان جنهن گوگل اشتهار کي جنهن ويب سائيٽ تي گهمندي ڪلڪ ڪيو هو سو به سندن وٽ محفوظ هوندو آهي.. رڳو ايترو ئي نه پر جيڪڏهن توهان گوگل وائيس ڳولا به جيڪر ڪئي آهي ته ان جو ريڪارڊ پڻ گوگل وٽ محفوظ رهندو آهي.. جنهن کي ڏسڻ لاءِ توهان هيٺيان لنڪ گهمي سگهو ٿا..
https://history.google.com
https://history.google.com/history/audio

توهان لاءِ ضروري آهي ته 9 مهينن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو پنهنجو جي ميل کاتو ضرور کوليو ٻي صورت ۾ گوگل پنهنجي program policies تحت توهانجو کاتو ختم ڪري سگهي ٿي.. ۽ اهو عمل توهان کي وڌيڪ تڏهن به الجهائي سگهي ٿو جيڪڏهن توهان وٽ گوگل جا هڪ کان وڌيڪ کاتا موجود آهن.. پر انجو حل توهان اهڙي طرح ڪري سگهو ٿا جو توهان پنهنجو هڪ کاتو جيڪو اڪثر کوليندا آهيو کي ٻين کاتن لاءِ ٽرسٽيڊ طور رکي سگهو ٿا.. جنهن سان گوگلتوهان کي توهان جي سيڪنڊري کاتن بابت اي ميل ڪندي رهندي ته توهان ڪيتري وقت کان انهن کاتن تي لاگ ان نه ٿيا آهيو.. ان سلسلي ۾ هيٺين لنڪ تي اچو..
https://www.google.com/settings/account/inactive
جيڪڏهن توهان کي شڪ ٿو رهي ته ڪو ٻيو به آهي جيڪو توهان جو گوگل کاتو ڏسي يا استعمال ڪري رهيو آهي.. ته توهان ايڪٽوٽي رپورٽ تي اچي پنهنجي هر ڊيوائيس جا لاگس ڏسي سگهو ٿا.. ته توهان گوگل کاتي تي ڪڏهن ۽ ڪاٿان لاگن ان ٿيا آهيو..
https://security.google.com/settings/security/activity
هيٺين لنڪ تي ويب ايپس، برائوزر ايڪسٽينشن، گوگل ايڪسٽينشن ۽ موبائيل ايپس جيڪي استعمال ڪندي توهان گوگل کي ريڊ ۽ رائيٽ جا اختيار ڏنا آهن جي فهرست آهي..
https://security.google.com/settings/security/permissions
هيٺيون لنڪ گوگل ايپس يوزر لاءِ انتهائي اهم آهي.. جيڪڏهن سندن گوگل کاتو هيڪ ٿو ٿي وڃي ته هيٺيون سيڪريٽ لنڪ استعمال ڪندي پنهنجي ماسٽر ايڊمن پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري سگهي ٿو .. جنهن لاءِ کائن پڇيو ويندو ته پنهنجي ڊومين جو نالو ويريفائي ڪريو.. جيڪو DNS ۾ CNAME ريڪارڊ ذريعي ٺاهي سگهجي ٿو..
https://admin.google.com/domain.com/VerifyAdminAccountPasswordReset [*]
هتي domain.com کي پنهنجي ڊومين سان تبديل ڪريو..

*******************
​اميد ته هي موضوع سڀني گوگل يوزرس لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو..

ٻه عام مسئلا سلجهائڻ لاءِ اينڊروائيڊ فون کي سيف موڊ ۾ آڻيو



ڇا توهان کي خبر آهي ته ونڊوز ۽ ميڪ ڪمپيوٽر وانگر اينڊروائيڊ فون کي به سيف موڊ ۾ کولي سگهجي ٿو.. ؟
جي نه ته Power / Sleep بٽڻ کي پريس ڪندي هولڊ ڪريو.. توهان جي سامهون ٻين آپشن سان گڏ Power Off به هوندو.. جنهن تي ٽيپ ڪندي هولڊ ڪريو ته توهان اڳيان موبائيل کي سيف موڊ ۾ ريسٽارٽ ڪرڻ جو پڇيو ويندو .. Ok پريس ڪري اجازت ڏيو..





جڏهن فون سيف موڊ ۾ هوندي هيٺين ڪنڊن طرف روايتي Safe Mood لکيل نظر ايندو..
دوستو مون کي توڙي ٻڌائيندي ڪافي دير ٿي چڪي آهي پر ممڪن آهي گهڻا دوست اڃان سمارٽ اينڊروائيڊ فونز ۾ نوان هجن.. بحرحال اينڊروائيڊ طرفان سيف موڊ واروآپشن ڪيترائي سال اڳ ان ڪري ڏنو هو ته توهان اينڊروايئڊ جا ڪجهه مسئلا فون کي ريسٽور فيڪٽري ڪرڻ کان سواءِ به سلجهائي سگهو... اهڙن مسئلن مان ٻه ته بلڪل عام آهن..

جيڪڏهن توهان جي فون اسٽارٽ اپ دوران ڪريش يا هينگ ٿي ٿئي يا وري اڪثر پاڻهي ڄاڻهي ريسٽارٽ ٿي ٿي وڃي ته ان کي سيف موڊ ۾ کوليو ۽ اها آخري ايپليڪيشن جيڪا توهان انسٽال ڪئي هجي جنهن سان مسئلا ٿيا هجن کي ان انسٽال ڪري ڇڏيو.. پر جيئن ته توهان سيف موڊ ۾ آهيو ان ڪري توهان صرف فيڪٽري انسٽالڊ ايپس ڏسي سگهندا هوندا.. پر جيڪڏهن توهان Settings -> Apps ذريعي چيڪ ڪندو ته توهان کي انسٽال ٿيل سموريون ايپس نظر اينديون.. جتان تازو ڊائونلوڊ ٿيل ايپليڪيشن کي ان انسٽال ڪري ڇڏيو..
جيڪڏهن توهان کي اينڊروائيڊ فون کي استعمال ڪندي ڪجهه وقت گذريو آهي ۽ هاڻي فون پهرين کان وڌيڪ سست ٿي وئي آهي.. ڇو ته وقت به وقت توهان ان ۾ مختلف ايپس، ٿيم ۽ وجيٽ جو انسٽال ڪيا آهن.. اهڙي صورت ۾ ڪڏهن ڪڏهن ضروري اي ميل چيڪ ڪرڻ، برائوزنگ ڪرڻ، نقشا يا ڪيلينڊر ڏسڻ به مشڪل ٿيو وڃي.. ان صورت ۾ توهان بغير ڪنهن ريسٽور فيڪٽري آپشن کي استعمال ڪرڻ جي عارضي طور سيف موڊ ۾ فون استعمال ڪندي ڪمي وانگر سست فون کي سهڙ وانگر چست بڻائي سگهو ٿا.. ڇو ته سيف موڊ ۾ توهان پنهنجي سيٽ جي رفتار ۾ واضح فرق محسوس ڪندو... سيف موڊ مان واپس ورڻ لاءِ توهان پنهنجي فون جو پاور بٽڻ دٻائي پهريان فون کي آف ڪريو ۽ پوءِ ٻيهر بٽڻ پريس ڪري نارمل موڊ ۾ اچي سگهو ٿا.. پر هاڻي توهان جون سموريون ايپس ته درست ڪم ڪنديون پر سيف موڊ ۾ وڃڻ جي هڪ خامي آهي ته توهان هر ان ايپليڪيشن تان لاگ آئوٽ ٿي ويندو جيڪا نان-گوگل هوندي جهڙوڪ فيسبوڪ، ٽويٽر يا وري ڊراپ باڪس وغيره




(تحرير: ذيشان رشيد. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام)